وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ  سوشل ميڊيا بابت تجويز ڪيل قانون تي نظرثاني لاءِ  اجلاس ٿيو

وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا بابت تجويز ڪيل قانون تي عملدر آمد کان اڳ ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، عمران خان چيو آهي ته سنگاپور ۽ برطانيا سميت ڪيئي ملڪ اهڙا قانون آڻي رهيا آهن،پاڪستان به بدلجندڙ حالتن ۽ واقعن کي نظر ۾ رکي اهڙا قانون آڻي رهيو آهي، نئون قانون آڻڻ جو مقصد شهرين جي حقن جو تحفط ڪرڻ آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ  سوشل ميڊيا بابت تجويز ڪيل قانون تي نظرثاني لاءِ  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڌ سماءَ ، گهرو، قانون، آءِ ٽي جي وزارتن ۽ پي ٽي اي عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪجهه وقت اڳ بڻايل سوشل ميڊيا رولز تي رد عمل جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم سوشل ميڊيا بابت تجويز ڪيل قانون تي عملدرآمد کان اڳ ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس ۾ تجويز ڪيل قانون جي آزادي جي اظهار تي پوندڙ اثرن جو به جائزو ورتو ويو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قانون آڻڻ جو بنيادي مقصد شهرين جي حقن جو تحفط ڪرڻ آهي، نئون قانون ، ٻارن، اقليتن، مذهبي معاملن ۽ قومي سلامتي جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو پيو وڃي.

عمران خان چيو ته سنگاپور۽ برطانيا سميت ڪيئي ملڪ اهڙا قانون آڻي رهيا آهن،پاڪستان به بدلجندڙ حالتن ۽ واقعن کي نظر ۾ رکي اهڙا قانون آڻي رهيو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*