محرابپور ۾ شهيد عزيز ميمڻ جي قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٿاڻي آڏو صحافين پاران لڳايل ڌرڻو

محرابپور ۾ شهيد عزيز ميمڻ جي قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٿاڻي آڏو صحافين پاران لڳايل ڌرڻو ڊي آءِ شهيد بينظيرآباد سان ڪامياب ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد  ختم ڪيو ويو، ڊي آءِ جي چيو آهي ته ايس ايس ايس پي نوابشاهه ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ٽيڪنيڪل ڪميٽي به ساڻن گڏ هوندي، مان پاڻ واقعي واري هنڌ جو معائنو به ڪيو آهي، معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي نوشهروفيروز چيو آهي ته عزيز ميمڻ قتل ڪيس ۾ چئن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. شهيد عزيز ميمڻ جي قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ صحافين پاران محرابپور ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد مظهر نواز شيخ مظاهرين وٽ پهچي شهيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ڊي آءِ جي چيو آهي ته ايس ايس ايس پي نوابشاهه ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي آهي، ٽيڪنيڪل ڪميٽي به ساڻن گڏ هوندي. ڊي آءِ جي وڌيڪ چيو ته  مان پاڻ واقعي واري هنڌ جو معائنو به ڪيو آهي، معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي، عزيز ميمڻ جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ نه اچڻ سبب جاچ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ايس ايس پي نوشهروفيروز ڊاڪٽر محمد فاروق چيو آهي ته عزيز ميمڻ قتل ڪيس ۾ چئن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*