ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ زهريلي گئس ڦهلجڻ وارو معمو حل  ٿي ويو آهي

ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ زهريلي گئس ڦهلجڻ وارو معمو حل  ٿي ويو آهي،سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضي وهاب چيو آهي ته زهريلي گئس سويابين ڊسٽ سبب پکڙي، سويابين ڊسٽ ڪي پي ٽي تي موجود جهاز مان سويابين لاهڻ دوران زهريلي گئس خارج ٿي.  سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي ريسرچ آف ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ رپورٽ تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪياماڙي واري علائقي ۾ زهريلي گئس سويابين ڊسٽ سبب پکڙي، سويابين ڊسٽ ڪي پي ٽي تي موجود جهاز مان سويابين لاهڻ دوران زهريلي گئس خارج ٿي. هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي پاران رپورٽ ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي حوالي ڪئي وئي . مرتضيٰ وهاب چيو ته اهڙا واقعا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پيش اچي چڪا آهن. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ جي رپورٽ تيار ٿي وئي آهي، رپورٽ ۾ واقعو سويابين ڊسٽ ڦهلجڻ جي تصديق ٿي آهي، سويابين ڊسٽ ڪي پي ٽي تي موجود سويابين سان ڀريل جهاز ۾ موجود آهي. مرتضي وهاب پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته  ڪراچي يونيورسٽي جي ليبارٽري زهريلي گئس جي رپورٽ تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهو واقعو سويابين ڊسٽ ڦهلجڻ  سبب ٿيو آهي، سويابين ڊسٽ ڪي پي ٽي تي موجود سويابين سان ڀريل جهاز ۾ موجود آهي.  مرتضيٰ وهاب موجب ان قسم جا واقعا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به پيش اچي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*