ايم پي اي شهناز انصاري جي ڌيئرن ڪي ٽي اين نيوز کي ماءُ جي موت بابت تفصيل ٻڌائي ڇڏيا

پيپلزپارٽي جي ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل واري واقعي  وقت موجود سندس ٻن ڌيئرن ۽ ڀيڻ سمورا تفصيل ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌائي ڇڏيا

 آهن، سندن چوڻ آهي ته چاليهي جي ماني هلي رهي هئي ته جوابدار اختر کوکر ۽ صديق کوکر پهتا ۽ اسان کي ڪمري ۾ بند ڪرڻ بعد پهريان سلميٰ کوکر  ۽  بعد ۾ وقار کوکر امڙ کي گوليون هڻي قتل ڪيو.

شهناز انصاري جي ڌيئرن آمنه، فاطمه ۽ مقتولا جي ڀيڻ شبانه کوکر واقعي جا سمورا تفصيل ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌائي ڇڏيا آهن.

آمنه، فاطمه ۽ جو چوڻ هو ته امڙ، ڊاڪٽر زاهد کوکر جو چاليهو نوشهروفيروز ۾ ڪرڻ پئي چاهيو ته صديق کوکر پاڪ ڪتاب کڻي آيو ۽ چيو ته چالهيو ڳوٺ مراد کوکر ۾ ڪيو.

هنن چيو ته چاليهي جي ماني هلي رهي هئي ته جوابدار اختر کوکر ۽ صديق کوکر پهتا، جن اسان کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو.

هنن چيو ته پهريان سلميٰ کوکر امڙ شهناز تي فائرنگ ڪئي ۽ بعد ۾ ساڳي پسٽل سان جوابدار وقار کوکر  امڙ تي فائرنگ ڪئي، جنهن ڪري هوءَ تڙپندي رهي پر ڪنهن کي به کيس اسپتال منتقل ڪرڻ نه ڏنو ويو.هنن چيو ته سموري واردات هو دري کان بيهي ڏسنديون رهيون، امڙ تڙپي رهي هئي پر ڪنهن به کيس اسپتال منتقل ڪرڻ نه ڏنو هو.

آمنه ۽ فاطمه انصاري جو چوڻ هو ته  سنڌ جي نياڻي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، اميد ۽ پڪ آهي ته ڪو به غيرتمند وڪيل جوابدارن ڌر جي ڪيس جي پيروي نه ڪندو.

مقتول ايم پي اي شهناز انصاري جي ڀيڻ شبانه کوکر ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مڙس زاهد کوکر جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ڏير اختر کوکر ملڪيت جا ڪاغذ گهرندو رهيو ۽ هو مختلف وقتن تي ڌمڪيون به ڏيندو هو.

هن چيو ته ملڪيت منهنجي ٻارن جي آهي، زمين جو معاملو مون سان هو، منهنجي ڀيڻ کي بيگناهه ڇو قتل ڪيو ويو آهي؟

هن مطالبو ڪيوته بي دردي سان سندس ڀيڻ کي قتل ڪندڙ وحشي جوابدارن کي پنهنجي انجام تائين پهچائي انصاف ڪيو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*