وزيراعظم عمران خان ذخيرا اندوزي خلاف قدم کڻندو: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم پيٽرول، ڊيزل ۽ گيس جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، عوام جا اهنج ختم ڪرڻ ۽ ريليف ڏيڻ حڪومت جو نصب العين آهي.

ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزير اعظم اسمگلنگ جي روڪٿام جو  فيصلو ڪيو آهي، معيشت کي اربين رپين جو فائدو ٿيندو.

هن چيو ته ناجائز  نفعي خوري جي حوصلا شڪني ڪئي ويندي، جنهن سان عوام کي مناسب قيمت تي شين جي فراهمي ٿي سگهندي.

خاص معاون چيو ته ذخيرا اندوزي شفاف معيشت جي دشمن ۽ عوام جي ڦرلٽ آهي، جنهن جي اجازت نه ڏينداسين.

هن چيو ته عمران خان ذخيرا اندوزي جي خلاف قدم کڻندو،جنهن سان شين جي قيمتن ۾ استحڪام ايندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*