سيالڪوٽ پوليس پاڻ کي قبر ۾ دفن ڪرائي 40 ڏينهن جو چلو ڪاٽيندڙ هڪ جعلي پير کي گرفتار

سيالڪوٽ پوليس پاڻ کي قبر ۾ دفن ڪرائي 40 ڏينهن جو چلو ڪاٽيندڙ هڪ جعلي پير کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جعلي پير پاران مقامي قبرستان ۾ قبر کوٽرائي ان جي اندر داخل ٿيڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪندي قبر جي کوٽائي ڪرائي ۽ پير کي حراست ۾ ورتو. سيالڪوٽ پوليس موجب جعلي پير قبر جي اندر هڪ ڪمرو ٺهرايو هو، جنهن ۾ هڪ کٽ ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان به رکيل هو. قبر جي اندر سرنگهه به ٺاهي وئي هئي. ذريعن موجب پوليس پاران گرفتار ڪيل جعلي پير کي ضمانت ٿيڻ بعد آزاد ڪيو ويو آهي. جعلي پير موٽرسائيڪل تي پنهنجن مريدن سان گڏ روانو ٿي ويو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*