قومي اقتصادي رابطا ڪميٽي بصر پرڏيهه موڪلڻ تي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

قومي اقتصادي رابطا ڪميٽي بصر پرڏيهه موڪلڻ تي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ ڪڻڪ جو اگهه 13 سئو 65 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي اقتصادي صورتحال، بنيادي شين جي رسد ۽ طلب ۽ اگهن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾  بصر پرڏيهه موڪلڻ تي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪڻڪ جو اگهه 13 سئو 65 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ سرجيڪل اوزارن ۽ اسپورٽس جو سامان تيار ڪندڙن کي صنعت جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، افغان مهاجرين جي وطن واپسيءَ لاءِ 11 ڪروڙ رپين جي خصوصي گرانٽ جي به منظوري ڏني وئي.

………

قومي اقتصادي رابطا ڪميٽي بصر پرڏيهه موڪلڻ تي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪڻڪ جو اگهه 13 سئو 65 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو، ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سرجيڪل اوزارن ۽ اسپورٽس جو سامان تيار ڪندڙن کي صنعت جو درجو ڏيڻ جو فيصلو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*