بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نوشهروفيروز ۾ صحافي عزيز ميمڻ جي قتل کي نئون رنگ ڏنو پيو وڃي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نوشهروفيروز ۾ صحافي عزيز ميمڻ جي قتل کي نئون رنگ ڏنو پيو وڃي، ساڳئي علائقي ۾ اسان جي ايم پي اي کي به قتل ڪيو ويو، صحافي عزيز ميمڻ جا وارث عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ چوندا ته اها ڪرائڻ لاءِ به تيار آهيون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوشهروفيروز ۾ صحافي عزيز ميمڻ جي قتل کي نئون رنگ ڏنو پيو وڃي، ٻڌايو وڃي ته سنڌ ۾ صحافين خلاف دهشتگرديءَ جا ڪيس ڇو داخل ڪيا ويا؟.

بلاول چيو ته  ساڳئي علائقي ۾ اسان جي ايم پي اي کي به قتل ڪيو ويو، صحافي عزيز ميمڻ جا وارث عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ چوندا ته اها ڪرائڻ لاءِ به تيار آهيون.

ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ پ پ سينٽرل پنجاب جو اجلاس به ٿيو، جڏهن ته پ پ سينٽرل پنجاب جي اڳواڻن پارٽي چيئرمين سان ملاقات ڪري، صوبي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ان موقعي تي بلاول چيو ته  هو حڪومت هٽائڻ لاءِ ڪنهن غير جمهوري سازش ۾ شامل نه ٿيندو، حڪوومت کي رڳو آئيني طريقي سان هٽائڻ چاهيون ٿا.

بلاول مهانگائي خلاف جلسن ۽ احتجاج جو اعلان ڪندي چيو ته  سليڪٽڊ وزيراعظم کي نه ٿا مڃون، عوام ٿاڦيل تبديلي جي وڏي قيمت ادا ڪري پيو….  پ پ چيئرمين چيو ته حڪمرانن معاشي قتلام ڪري عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*