وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ جي روئيي تي ڪاوڙ جو اظهار

وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ جي روئيي تي ڪاوڙ جو اظهار   ڪيو ويو، اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ ڏوهن ۾ ريڪارڊ واڌ ٿي آهي، سنڌ ڪابينا پاران صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جي مذمت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو، ڌاٻيجي اڪنامڪ زون لاءِ زمين مختص ڪرڻ بابت ڪميٽي به قائم ڪئي وئي،.

ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، صوبائي وزيرن، مختلف کاتن جي سيڪريٽريز ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

    اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ جي روئيي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ ڏوهن ۾ ريڪارڊ واڌ ٿي آهي، پ پ ايم پي اي شهناز انصاري آءِ جي ٽي سي ايس ذريعي 12 جنوري تي شڪايت اماڻي پر آءِ  جي ان تي ڪابه ڪارروائي ڪئي ۽ ٻن ڏينهن بعد شهناز انصاريءَ کي قتل ڪيو ويو.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾  صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جي مذمت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ڌاٻيجي اڪنامڪ زون لاءِ زمين مختص ڪرڻ بابت ڪميٽي به قائم ڪئي وئي، چيف سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪميٽي ۾ 10 ٻيا ميمبرز شامل آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*