چين ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 118 ڄڻا فوت

چين ۾ خطرناڪ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 118 جانين جي ضايع ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 2236 ٿي ويو، وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ وڌي 75 هزار تائين پهچي ويو.

ميڊيا رپورٽس مطابق چين ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 118 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 2236 ٿي ويو.

ڪرونا وائرس جا 889 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي  75 هزار ٿي ويو.

چين جي شهر ووهان کان پکڙجندڙ ڪرونا وائرس سبب ايران، جاپان، فرانس، تائيوان ۽ ٻين ملڪن ۾ به وائرس پکڙجي چڪو آهي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*