ٺل جي ريلوي اسٽيشن واري علائقي ۾ ساهرن مبينا طور زهر ڏئي عورت کي قتل ڪري ڇڏيو

ٺل جي ريلوي اسٽيشن واري علائقي ۾ ساهرن مبينا طور زهر ڏئي عورت کي قتل ڪري ڇڏيو، عورت جي وارثن ساهرن تي الزام هڻندي چيو آهي ته سندن ناري کي زهر ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. ريلوي اسٽيشن واري علائقي ۾ مبينا طور زهر ڏيڻ بعد 20 ورهين جي ناري شاڪرا پٺاڻ کي ڳڻتي جوڳي حالت ٺل جي نجي اسپتال پهچايو ويو، جتان کيس جيڪب آباد نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي وئي. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ ورتو، فوتي عورت جي وارثن جي انڪار تي پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بنا وارثن حوالي ڪيو.  مقتول عورت جي ڀاءُ امير حمزه پٺاڻ الزام هڻندي چيو ته سهرو سندن ناري کان چرس اسمنگلنگ ڪرائيندو هو، انڪار ڪرڻ تي کيس زهر ڏئي قتل ڪيو. مقتولا جي ڀاءُ جي فرياد تي پوليس  جوابدار عبدالرحمان خلاف اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*