سنڌ ۾ روينيو عملدار ايڪشن ۾ اچي ويا

سنڌ ۾ روينيو عملدارن پاران کاڌي پيتي جون شيون ذخيرو ڪري غيرقانوني طور تي منافعو ڪمائيندڙن خلاف مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري واڌو اگهه وٺندڙ هڪ دڪاندار کي گرفتار ۽ کنڊ سان ڀريل 125 ٻوريون هٿ ڪري ٻه دڪان سيل ڪيا ويا.

تنگواڻي ۾ ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي مارڪيٽ جو دورو ڪيو، جنهن دوران شهرين دڪاندار خلاف غيرقانوني طور واڌو اگهه وٺڻ جي شڪايت ڪئي.

شهرين جي شڪايت تي ڊي سي ڪشمور هڪ دڪاندار خادم بمبل کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پنوعاقل جي شاهي بازار ۾ کنڊ ذخيرو ڪندڙ خلاف روينيو عملدارن ڪارروائي ڪري دڪانن ۾ غيرقانوني طور تي ذخيرو ڪيل کنڊ سان ڀريل 125 ٻوريون هٿ ڪري ٻه دڪان سيل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته دڪاندار غائب ٿي ويا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*