وڏي وزير مراد علي شاهه سان سي پيڪ اٿارٽي جي چئيرمين جنرل رٽائرڊ عاصم سليم باجوا جي ملاقات

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان سي پيڪ اٿارٽي جي چئيرمين جنرل رٽائرڊ عاصم سليم باجوا ملاقات ڪئي،وڏي وزير چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي کي پورٽ قاسم ۽ ملڪ جي ٻين علائقن تائين پهچائڻ لاءِ ڇوڙ کان اسلام ڪوٽ تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائي ويندي. وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سان سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوا ملاقات ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنرل رٽائرڊ عاصم سليم باجوا وڏي وزير کي ٻڌايو ته اميد آهي ته چيني صدر هلندڙ سال مئي ۽ جون ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو، ان ڪري  سي پيڪ سان لاڳاپيل منصوبن جي ڪاغذي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.  وڏي وزير ڪراچي سرڪيولر منصوبي بابت چيو ته پاڪستان ۽ چائنيز پلاننگ ڪميشن ۾ اين ڊي آر سي ۽ پاڪستان سان سلهاڙيل فريم ورڪ معاهدو عمل هيٺ آهي. جنرل رٽائرڊ عاصم سليم  باجوه چيو ته ڪي سي آر منصوبو سي پيڪ جي اولين ترجيح آهي، منظور ٿيل ۽ نون منصوبن لاءِ چائنيز اٿارٽي سان ڳالهايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*