سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو 6 مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت

سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو 6 مهينن اندر مڪمل ڪرڻ ۽ ريلوي جي زمين تان هڪ هفتي اندر هائوسنگ سوسائٽيز ختم ڪرڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو آهي ته جيڪڏهن 6 مهينن ۾ سرڪلر ريل نه هلائي وئي ته وزيراعظم، وڏي وزير ۽ سيڪريٽري ريلوي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائينداسين، ريلوي جي زمين تي قبضن ۾ ريلوي ۽ سنڌ حڪومت مليل آهن، توهان جي چهرن جي بيوسي مان لڳي رهيو آهي ته شهر جو حال جهڙو آهي، اهڙو ئي رهندو، ڪراچي ۾ نانيءَ ويڙهو لڳو پيو آهي، شهر کي پلاننگ جي ضرورت آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ ته رڪني بينچ سپريم ڪورٽ  ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب سرڪلر ريلوي بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندي چيو ته ريلوي جي بحالي واري ڪم ۾ بهتر اڳڀرائي ٿي آهي. سيڪريٽري ريلوي به عدالت ۾ پهچي آگاهي ڏني ته سرڪلر ريلوي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جو ڪم به جاري آهي، سرڪلر ريلوي لاءِ 10 اسٽيشنز ٺاهيا ويندا پر ان سان ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيندي. چيف جسٽس سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته سوچي سمجهي ڳالهايو نه ته هتان سڌو جيل موڪلي ڇڏينداسين. ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته سرڪلر ريلوي جو ڪم ۽ ان تي خرچ به چائنا ڪندو. چيف جسٽس چيو ته ڇا اسان جي ماهرن ۾ اتيري به صلاحيت ناهي جو هو سرڪلر ريلوي هلائي سگهن؟، ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سي پيڪ جي ڪري ريلوي جي بحالي وارو ڪم چائنا ڪندو. عدالت ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سرڪلر ريل 6 مهينن ۾ نه هلائي وئي ته وزيراعظم، وڏي وزير ۽ سيڪريٽري ريلوي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائينداسين. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ريلوي جي زمين تي قبضا ٿيل آهن، ريلوي ۽ سنڌ حڪومت قبضا خورن سان مليل آهن. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل کي چيو ته توهان جي چهرن جي مايوسي مان لڳي رهيو آهي ته توهان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهو ۽ شهر جو جهڙو حال آهي اهو اهڙو ئي رهندو. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب چيو ته سر جيڪڏن اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ اسان وڃون ٿا، جنهن تي چيف جسٽس وراڻيو ته توهان نه اسان هليا ٿا وڃون، ڪجهه به ٿي پئي پر 6 مهينن اندر ريل هلڻ گهرجي سال اڳ حڪم جاري ڪيو هو توهان  رڳو ٺلهيون خاطريون ڪرايون پيون وڃن. عدالت ريلوي جي زمين تان هڪ هفتي اندر هائوسنگ سوسائٽيز ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته نوٽيس موڪلي 7 ڏينهن ۾ سوسائٽيز ختم ڪيون وڃن. عدالت سنڌ حڪومت کي متاثرن کي متبادل رهائش ڏيڻ جي هدايت به ڪئي. عدالت الادين پارڪ ڀرسان رهائشي اسڪيم جي بلڊر اخلاق احمد جا ريڊ وارنٽ جاري ڪندي ڪمشنر کي زمين فوري طور قبضي ۾ وٺڻ جو حڪم به ڏنو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*