حسنين مرزا چيو آهي ته آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ لاءِ سنڌ حڪومت  جو موقف ڪمزور هو

سنڌ اسميبلي ۾ جي ڊي اي جي پارلياماني اڳواڻ حسنين مرزا چيو آهي ته آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ لاءِ سنڌ حڪومت  جو موقف ڪمزور هو، پ پ سرڪار آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جي سازش ڪئي پر ان ۾ ناڪام ٿي آهي. ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام آن رڪارڊ ۾ ڳالهائيندي حسنين مرزا چيو ته پوليس قانون ۾ واضح طور لکيل آهي ته آءِ جي مقرري لاءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ مشاورت لازمي هوندي، ڪنهن جي خواهش تي آءِ جي کي هٽائي نٿو سگهجي. حسنين مرزا چيو ته امن امان جي ذميواري سنڌ سرڪار آهي ، خراب صورتحال جو ذميوار  رڳو آءِ جي کي قرار نٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته عزيز ميمڻ جي قتل جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. حسنين مرزا چيو ته سنڌ ۾ 12 سالن کان پ پ جي حڪومت آهي پر اڄ به 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*