شريف خاندان جي ملڪي سياست مان دل ڀرجي وئي آهي: فواد چوڌري

سائنس ۽ ٽينڪالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪجهه سياسي پنڊت اڃا به مسلم  ليگ (ن) ۾ اميد رکي ويٺا آهن، جيڪڏهن حمزه ۽ مريم کي حڪومت ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني ته هو جوتا به ڇڏي ڀڄي ويندا.

ٽوئٽ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته شريف خاندان جي ملڪي سياست مان دل ڀرجي وئي آهي.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چيو ته شريف فيملي صرف هڪ شئي چاهي ٿو ته سندن باقي ماڻهن کي  پرڏيهه موڪليو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*