آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آپريشن رد الفساد جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي عوام لاءِ پيغام جاري ڪري ڇڏيو

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آپريشن رد الفساد  جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي عوام لاءِ پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته انتهاپسندي جي نظرئي کي مات ڏيڻ تي قوم کي سلام پيش ڪريون ٿا، پاڪ فوج سمورن چيلينجز کان باخبر آهي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ آرمي چيف وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ملڪي سالميت جو هر قيمت تي دفاع ڪندي.

هن چيو ته دهشتگردي  جي خلاف جنگ جا نتيجا پاڪستان ۽ خطي ۾ امن جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن، پاڪ فوج ملڪي دفاع کي هر قيمت تي يقيني بڻائيندي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر مطابق  آپريشن رد الفساد 22 فيبروري 2017 کان سموري ملڪ ۾ شروع ٿيو، آپريشن دهشتگردي خلاف بنا فرق جي جاري رهندو.

آءِ ايس پي آر مطابق دهشتگردي کان سياحت تائين جو سفر بي مثال  ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جان ۽ مال جي قربانين سبب  ڪاميابيون حاصل ٿيون، اسان جا شهيد اسان جو فخر آهن،شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*