موجوده حڪومت 6 مهينن اندر هلي ويندي: بلاول ڀٽو زرداري

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت ٺيڪي تي هلي رهي آهي، 6 مهينن اندر هلي ويندي، سنڌ جو وڏو زير شهباز شريف کان بهتر وڏو وزير آهي ڀلي ٻين صوبن جي وڏن وزير سان سندس مقابلو ڪرائي ڏسو.

 لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جيان نوازشريف به سليڪٽڊ هو، مسلم ليگ نون پارليامينٽ کي ڪا به اهميت نه ڏئي رهي آهي.

هن چيو ته مراد علي شاهه بهترين وڏو وزير آهي  ۽ هو شهباز شريف کان بهتر وڏو وزير آهي، ٻين صوبن جي وڏن وزيرن سان ڀلي سندس مقابلو ڪري ڏسو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺيڪي تي ورتي وئي آهي ان وٽ ڪوبه اختيار نه آهي، 6 مهينن جي اندر هلي ويندي.

هن چيو ته پرڏيهي طاقتون سليڪٽيڊ حڪومتن کي استعمال ڪري رهيون آهن، عمران خان کان پهريان نواز شريف به سليڪٽڊ هو.

هن چيو ته  پنجاب جي عوام کي جڏهن ضرروت پئي ته سندن ليڊر غائب ٿي ويا، ملڪ اندر مهانگائي ۾ ڪابه گهٽتائي ناهي آئي.

هن چيو ته گرمين کي اچڻ ڏيو، بجلي غائب هوندي ۽ عوام ڏانهن تاريخي بل اماڻيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*