ٺٽي ۾ گهارو پوليس جي مبينا تشدد ۾ نوجوان رمضان سمون جي فوت ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو

ٺٽي ۾ گهارو پوليس جي مبينا تشدد ۾ نوجوان رمضان سمون جي فوت ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

وارثن قومپرست اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي، اياز لاشاري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اسلم سمون، يعقوب سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

اڳواڻن چيو ته  ٺٽي ضلعي اندر پوليس گردي آهي مقامي ماڻهن جي زمينن کي ڦٻائڻ لاءِ کين قتل ڪرائي ملڪيتن تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙ غير مقامي بااثر زميندار خلاف تحريڪ جاري رکي ويندي.ڱ

هنن چيو ته ٺٽو ضلعو هن وقت مڪمل طور تي پوليس اسٽيٽ بڻيل آهي، جتي جو عوام لاقانونيت ۽ پوليس جي ظلمن سبب غير محفوظ آهي.

اڳواڻن چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺي، مقتول رمضان سمون جي وارثن کي تحفظ ڏياري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن خلاف عدالتي جاچ ڪرائي وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*