ھالا ۾ عدالتي حڪم تي بااثر جي نجي جيل تي ڇاپو,عورتن ۽ ٻارڙن سميت 33 ڄڻا بازياب

ھالا ۾ عدالتي حڪم تي بااثر جي نجي جيل تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 33 ڄڻن بازياب ڪرايو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب ڪرايل ماڻهن کي مٽياري جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

ڊسٽرڪٽ ايڊيشنل سيشن جج مٽياري جي حڪم تي  پوليس زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت باندي بڻايل 33 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.

 پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب ڪرايلن ۾ عورت سيتا، ڏيالو، چانگو،  گنگو، نينا، چاندني، ڀالو، رامي، ريلي، هيمن، راجو، راڌيڪا، لڇمي، اجي ۽ ٻيا شامل آھن، جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*