وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ ضرورت پوڻ تي دوست جو ڪردار ادا ڪيو.

ميانوالي ۾ نمل يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته مشڪل معاشي صورتحال ۾ سعودي عرب ۽ چين به معيشت جي بهتري لاءِ  پاڪستان جي مدد ڪئي.

هن چيو ته نمل يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ وارن والدين جي خوشي ۾ شريڪ آهيان.

عمران خان چيو ته دنيا جي پهرين فلاحي رياست مدينا ۾ قائم ڪئي وئي، چين حڪمت عملي سان پنهنجن ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو.

عمران خان چيو ته سموري حياتي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌي  آهي، مشڪل وقت انسان کي سيکارڻ لاءِ ايندو آهي، جيڪي انسان خراب وقت کان ڊڄي ويندا آهن، اهي ڪڏهن به اڳتي وڌي نٿا سگهن.

هن چيو ته ڊوڙ ۾ جنون ٽيلينٽ کي پوئتي ڇڏي ويندو آهي،هڪ ڀيرو مون چيو ته آرام قبر ۾ آهي، جنهن تي ماڻهن وڏيون ڳالهيون ڪيون…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*