آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان دنيا کي دهشتگردي کان بچائڻ ۽ خطي ۾ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائين اسٽيٽ طور ۽ دنيا کي دهشتگردي کان بچائڻ ۽ خطي ۾ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. آرمي چيف چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي مراڪش پهچي ويو، جتي هن مراڪش جي دفاع واري وزير سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب  ملاقات دوران سڪيورٽي سهڪار، گڏيل ٽريننگ ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو. آرمي چيف جو چوڻ آهي ته پاڪستان دنيا کي دهشتگردي کان بچائڻ ۽ خطي ۾ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان هميشه مشڪل وقت ۾ مراڪش سان گڏ بيٺل رهيو آهي، ماضي ۾ به پاڪستان هميشه مراڪش جو ساٿ ڏيندو رهيو آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه رائل ڪاليج آف هائير مليٽري ايجوڪيشن جو دورو ڪيو ۽ سيڪيورٽي ماحول ۽ مختلف مشڪلاتن ۽ چيلينجز جي موضوع تي خطاب ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*