قبو سعيد خان ويجهو گهر مان ڦاهو لڳل حالت ۾ عورت جو لاش ملڻ وارو واقعو قتل نڪتو

قبو سعيد خان ويجهو گهر مان ڦاهو لڳل حالت ۾ عورت جو لاش ملڻ وارو واقعو قتل نڪتو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار امام بخش مگسي گهرو اڻبڻت تان پنهنجي زال راڄل مگسي کي ڦاهو ڏئي فرار ٿي ويو.

ڳوٺ الياس پنھور ۾ جوابدار مڙس امام بخش مگسي گھرو اڻبڻت تان  پنھنجي 38 ورھين جي زال راڄل خاتون کي گھٽا ڏئي سندس لاش ڇت ۾ ڦاهو لڳائي ٽنگي ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش اسپتال پهچايو.

عورت جي وارثن اسپتال پهچي پوليس کي دانهيو ته سندن نياڻي ڦاهو ناهي کاڌو پر کيس پنهنجي مڙس امام بخش مگسي پنهنجي ڀائيٽين سان گڏجي قتل ڪري لاش ٽنگيو آهي.

هنن اپيل ڪئي ته فوري طور تي جوابدار ۽ ڏوهه ۾ سندس ساٿ ڏيندڙ ڀائيٽين کي گرفتاري ڪري انصاف ڪيو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*