نثار کهڙو چيو آهي ته مقتول عزيز ميمڻ جي ڪيس جي جاچ شهيد بينظير آباد پوليس کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

صوبائي صلاحڪار نثار کهڙو چيو آهي ته مقتول عزيز ميمڻ جي ڪيس جي جاچ شهيد بينظير آباد پوليس کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن وارث چاهين ته سنڌ حڪومت قتل جي عدالتي جاچ به ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، وفاقي حڪومت قاضي فائر عيسيٰ تي ريفرنس داخل ڪري ججز ۽ عدليا کي ڪنٽرول ۽ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ججز جي جاسوسي نئين پاڪستان جو نئون تحفو آهي. خيرپور پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته فروغ نسيم فروغ تقسيم آهي، جنهن لاءِ ايم ڪيو ايم ئي چئي چڪي آهي ته هو سندن وزير ناهي. صوبائي صلاحڪار چيو ته موجوده وفاقي حڪومت ميڊيا جو آواز بند ڪري آمر جو دورو واپس آڻي رهي آهي، وزيراعظم کي به صوبائي خودمختيار سٺي نٿي لڳي، جنهنڪري پنهنجو حصو گهرندڙ صوبن کي حصي مان 8 سيڪڙو ڪٽوتي جي ڌمڪي ڏني وڃي ٿي. نثار کهڙو چيو ته موجوده حڪومت ائين آهي جيئن انڌو پنهنجن کي ئي نوازي، حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته مينهون ۽ مرغيون ورهائڻ سان پاڪستان خوشحال نٿو ٿي سگهي. صوبائي صلاحڪار چيو ته ملائيشيا جي ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهندڙ هاڻي پاڪستان جي وزيراعظم کي به لفٽ نٿا ڪرائين. نثار کهڙو چيو ته مڪاني نمائندن جو 4 سال مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون، پر ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن کي نيون تڪبنديون ڪرڻيون آهن…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*