شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سرد خاني ۾ پيل ڪشمير جي مسئلي کي وزيراعظم ۽ مون گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي اجاگر ڪيو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته  سرد خاني ۾ پيل ڪشمير جي مسئلي کي وزيراعظم ۽ مون  گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي اجاگر ڪيو،هاڻ ڪشمير جو مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته انساني حقن جي وزارت به جنيوا ۾ والاريل ڪشمير  جي صورتحال بابت آواز بلند ڪندي.

پرڏيهي وزير چيو ته طالبان ۽ آمريڪا ۾ امن ٺاهه ٿي ويو، پاڪستان ڏيڍ سال تائين خاموشي سان طالبان کي امن لاءِ راضي ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو.

هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن پاڪستان جي دوري دوران ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

هن چيو ته عالمي ميڊيا  ۽ انساني حقن جو تنظيمون اڄ ڪشمير جي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيون آهن.

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي ڪوششن سان آمريڪا ۽ طالبان ڳالهيون ڪامياب ٿيون،ڪشمير بابت اسان جي پرڏيهي پاليسي جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*