سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي کي هيسائڻ جو ٽيون واقعو ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف

سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي کي هيسائڻ جو ٽيون واقعو ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، فشريز شعبي ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي فائزه مريم جي درخواست تي بزنس شعبي ۾ پڙهندڙ شاگرد صدام ڀٽي خلاف ڪارروائي لاءِ رجسٽرار کي ليٽر جاري، جڏهن ته سميا شاهه واقعي جي جاچ ڪندڙ گرلز ريسڪيو سينٽر شاگردياڻي جي الزامن کي درست قرار ڏيندي اسسٽنٽ پروفيسر ممتاز خاصخيلي کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ يونيورسٽي ۾ سوشيالاجي شعبي م پڙهندڙ شاگردياڻي سميا شاهه کي هيسائڻ واري واقعي کانپوءِ فشريز شعبي ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي کي هيسائڻ جو واقعو سامهون اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

فشريز شعبي جي ٻئي سال ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي فائزه مريم صديقي يونيورسٽي انتظاميه وٽ جمع ڪرايل درخواست ۾ الزام هنيو آهي ته بزنس شعبي ۾ پڙهندڙ شاگرد صدام ڀٽي کيس حراسان ڪيو ۽ سندس ڀاءُ کي به تشدد جو نشانو بڻايو.

شاگردياڻي طرفان يونيورسٽي انتظاميه وٽ جمع ڪرايل درخواست تي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئر ڄاڻايل شاگرد صدام ڀٽي خلاف ڪارروائي لاءِ رجسٽرار کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي سوشيالاجي شعبي ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي سميا شاهه کي هيسائڻ واري معاملي جي گرلس ريسڪيو سينٽر جي ڊي ايس پي جاچ رپورٽ ۾ شاگردياڻي جي الزامن کي درست قرار ڏيندي الزام هيٺ آيل اسسٽنٽ پروفيسر ممتاز خاصخيلي کي ڏوهي قرار ڏنو آهي.

يونيورسٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ پروفيسر ممتاز خاصخيلي معطل آهي، گرلز ريسڪيو سينٽر جي رپورٽ کي سامهون رکندي يونيورسٽي انتظاميه فيصلو ڪندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*