سول اسپتال شڪارپور جي انتظاميا مبينا طور پئسا نه ڏيڻ سبب غريب عورت جي ٻار جو  علاج نه ڪيو

سول اسپتال شڪارپور جي انتظاميا مبينا طور پئسا نه ڏيڻ سبب غريب عورت جي ٻار جو  علاج نه ڪيو، بيمار ٻار ماءُ جي هنج ۾ دم ڏنو، 3 سالن جي فوتي ٻار حبيب الله جي امڙ فاطما روئندي ٻڌايو ته اسپتال وارن پٽ جي علاج لاءِ پئسا گهريا، مون وٽ رڳو 20 رپيا پيا هئا، ڊاڪٽرن علاج نه ڪيو ۽ منهنجو ٻار مري ويو، صدمي ۾ ورتل ماءُ پنهنجي ٻار جو لاش چنگچي ۾ کڻائي روئندي رواني ٿي وئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*