وفاقي حڪومت ڪرونا وائرس بابت اڄ اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو

وفاقي حڪومت ڪرونا وائرس بابت اڄ اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو، ڪرونا جي روڪٿام لاءِ بلوچستان سرحد تي ورتل اپائن ۽ ايران ۾ ڦاٿل زائرين واري معاملي تي غور ڪيو ويندو، ڪرونا وائرس جي زد ۾ آيل ايران ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني زائرين ڦاٿل آهن، جن کي ايران ۾ ڦاٿل زائرين کي اتي ئي ترسائڻ لاءِ چيو ويندو.

پاڙيسري ملڪ ايران ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت معاملي تي اڄ اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي، جنهن ۾ ايران ۾ ڦاٿل زائرين ۽ بلوچستان ۾ ايران سان لڳندڙ تفتان بارڊر تي ڪرونا وائرس بابت ورتل اپائن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

ذريعن موجب ڪرونا وائرس سبب ايران ۾ ڦاٿل 5 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهرين کي في الحال ايران ۾ ئي ترسائڻ لاءِ ايراني اختيارين سان ڳالهايو ويندو.

ڪرونا وائرس جي خدشي سبب بلوچستان ۾ ايران سان لڳندڙ تفتان بارڊر تي پڻ انتظام سخت ڪيا ويا آهن، پاڪ ايران سرحد کي مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو آهي.

بلوچستان حڪومت موجب پاڪستاني شهرين جي ايران ۾ داخلا تي مڪمل طور پابندي لڳائي وئي آهي، صوبي اندر في الحال ڪرونا جو ڪوبه ڪيس ظاهر ناهي ٿيو، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري پڻ ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*