نوشهروفيروز پوليس ڏهه ڏينهن گذرڻ باوجود شهيد عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي

ڪي ٽي اين نيوز محرابپور جي رپورٽر عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ نوشهرو فيروز پوليس نااهلي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، 10 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ خلاف شهيد جا وارث ۽ صحافي اڄ نوشهرو فيروز ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪندا.

شهيد عزيز ميمڻ جي قتل کي 10 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود نوشهرو فيروز پوليس ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي.

احتجاج ۽ مطالبن باوجود پوليس شهيد صحافي جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، شهيد جي قتل جا سبب پڻ  معلوم نه ڪري سگهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ به پڌري نه ڪئي وئي.

شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ خلاف شهيد جي وارثن ۽ صحافين پاران  اڄ نوشهرو فيروز ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*