ڇا برطانوي ڊاڪٽر نوازشريف کي شديد بيمار قرار ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن؟: فواد چوڌري

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آخرڪار نوازشريف جون ميڊيڪل رپورٽس ڇو برطانيا مان نه پيون موڪليون وڃن؟،ظاهري طور هڪڙو ئي سبب آهي ته برطانيا  ۽ پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽيسٽن ۾ فرق آهي.

سوشل ميديا تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته ڇا برطانوي ڊاڪٽر نواز شريف کي شديد بيمار قرار ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن؟

فواد چوڌري چيو ته ان جو هڪڙو ئي مطلب آهي ته پنجاب حڪومت جون ميڊيڪل ٽيسٽ شڪي هيون.

هن چيو ته پنجاب جي حڪومت کي انڪوائري ويهارڻ گهرجي، جيڪا صحت جي وزارت،ليبارٽري ۽ ڊاڪٽرن تي ٻڌل هجي.

هن چيو ته انڪوائري ڪميٽي شريف خاندان جي  معاملي جو جائزو وٺي ۽ عوام جي اڳيان سموريون حقيقتون واضح ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*