عمران صاحب ٽوئيٽ ذريعي ڪوڙ ۽ ڊرامن ذريعي چورن کي لڪائي نٿو سگهي: مريم اورنگزيب

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران صاحب ٽوئيٽ ذريعي ڪوڙ ۽ ڊرامن ذريعي چورن کي لڪائي نٿو سگهي.

ن ليگ جي ترجمان چيو ته عمران مافيا جي قيمتن وڌائڻ تي لاڳاتار ڌيان ڏيڻ جي نتيجي ۾ کاڌي جي شين ،خاص ڪري سبزين جي قيمتن ۾ واڌ واضح آهي.

هن چيو ته عمران صاحب ٽوئيٽ صبح جو ڪري، ڏينهن جو، شام يا رات جو ڪوڙ ته ڪوڙ هوندو آهي،عمران سمجهي ٿو ته هٿراڌو  نه پر ڄاڻي واڻي مهانگائي ڪئي پئي وڃي.

مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب عوام ڄاڻي ٿو ته مافيا جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار توهان جي سربراهي ۾ عوام جو اٽو ۽ کنڊ چوري ڪئي،هٿراڌو نه پر چور عمران مافيا ڄاڻي واڻي  مهانگائي ڪئي، ڇاڪاڻ ته بني گالا جي گهر جو خرچ ۽ زمان پارڪ جو گهر تعمير ڪرائڻو هو.

هن چيو ته عمران صاحب  اٽو ۽ کنڊ چور عنصرن کي  سزا ڏيڻي آهي ته توهان سميت خسرو بختيار ۽ جهانگير ترين کي  هينئر تائين جيل جي سيخن پٺيان هجڻ گهربو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*