وزيراعظم عمران خان جي خاص معاون افتخار دراني پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي

وزيراعظم عمران خان جي ميڊيا بابت  خاص معاون ۽ ميڊيا جي سينٽرل سربراهه افتخاردراني پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي

ميڊيا رپورٽس مطابق وزيراعظم عمران خان افتخار  دراني جي استعيفا منظور ڪري ورتي آهي.

ٻئي طرف افتخار دراني پنهنجي استعيفا جي تصديق ڪندي چيو آهي ته  وزير اعظم عمران خان جي قيادت تي اعتماد آهي.

هن چيو ته پارٽي لاءِ ڪم ڪندو رهندس،افتخار دراني جو وزير اعظم جي ويجهن ساٿين ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو،هن پاناما ليڪس ۽ فاٽا اليڪشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

واضح رهي ته وفاقي ڪابينا  ۾ 25 وزير، چار مملڪتي وزير،پنج صلاحڪار ۽ 13 خاص معاون شامل آهن.افتخار دراني کان  وزيراعظم مان آفيس به واپس ورتي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*