ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم نعمت الله خان ڳچ عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم نعمت الله خان ڳچ عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جماعت اسلامي سان واسطو رکندڙ نعمت الله خان 2001 کان 2005 تائين ڪراچي جو ناظم رهيو، نعمت الله خان الخدمت فائونڊيشن لاءِ به خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.

ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم نعمت الله خان گهڻو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ اڄ 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

نعمت الله خان ڪراچي جو 26 هون ميئر هو ، جيڪو 2001 کان 2005 تائين ڪراچي جو سٽي ناظم رهيو.

نعمت الله خان ڀارت جي شهر اجمير شريف ۾ 1930ع ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ورهاڱي بعد پاڪستان پهتو، هن پنجاب يونيورسٽي مان جرنلزم ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ ڪراچي ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪري وڪيل ٿيو.

نعمت الله خان جماعت اسلامي ڪراچي جو امير به رهيو ۽ الخدمت فائونڊيشن لاءِ خدمتون به سر انجام ڏنيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*