ڀٽ شاهه ۾ لاکيڻي لطيف سرڪار جي 339 هين جنم ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي

ڀٽ شاهه ۾ لاکيڻي لطيف سرڪار جي 339 هين جنم ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي سندس درگاهه تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي امريڪا مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته لطيف سرڪار جي ولادت جو ڏينهن اسان لاءِ مبارڪ ۽ خوشين ڀريو آھي.

سيد وقار شاهه چيو ته اچو ته گڏجي ڀٽائي سرڪار جي فلسفي ۽ فڪر کي عام ڪري انسان ذات جي خدمت جو وچن ڪريون.

هن چيو ته  اوليائن، بزرگن جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪري مذھبي ڪٽڻپڻي ۽ دھشتگردي جي رستا روڪ ڪري سگھجي ٿي.

ان موقعي تي مختلف فڪرن سان تعلق رکندڙ ماڻھن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي لفظن ۽ سرن جي ڀيٽا پيش ڪري سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*