سيٺارجا ۾ 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ڳوٺاڻو پاڻمرادو بازياب ٿي گهر پهچي ويو

سيٺارجا ڀرسان 2 ڏينهن اڳ پاڻي جي واري تان اغوا ٿيل ڳوٺاڻو پاڻمرادو بازياب ٿي گهر پهچي ويو، ڳوٺاڻي جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن نشو ڏئي اغوا ڪيو ۽ ٻن ڏينهن بعد قاضي احمد ڀرسان ڇڏي ڏنو.

پير وسڻ ٿاڻي جي حد مان 2 ڏينهن اڳ پاڻي جي واري تان هٿياربندن هٿان اغو ا ڪيل ڳوٺاڻو غلام فريد ڀٽي پاڻمرادو گهر پهچي ويو.

ڳوٺاڻي جو چوڻ آهي ته هو زمين تي پاڻي وهي رهيو هو ته کيس موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن نشو ڏئي اغوا ڪيو ۽ قاضي احمد واري علائقي ۾ ڇڏي ڏنو.

پوليس موجب، مغوي جي بازيابي لاءِ تياريون ڪري رهيا هئاسين پر ڳوٺاڻو پاڻمرادو گهر پهچي ويو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*