چين ۾ ڪرونا وائرس وگهي 52 ۽ ايران ۾ 16 ڄڻا فوت

چين ۾ ڪرونا وائرس  ۾ وڌيڪ 52 شهري ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته ايران ۾ وائرس سبب فوتين جو تعداد 16 ٿي ويو، ايران جو صحت جو نائب وزير به ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.

چين ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتين جو انگ وڌي 715 ٿي ويو.

ميڊيا رپورٽس مطابق چين  جي هڪ صوبي ۾  406 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جنهن بعد  متاثرن جو انگ 80 هزار کان وڌي ويو.

چين کان ٻاهر  ڏکڻ ڪوريا ۾ به 169 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ هڪ هزار 146 تائين پهچي چڪو آهي،جڏهن ته  11 شهري حياتيون وڃائي چڪا آهن.

ايران ۾ ڪرونا  وائرس تي ڪنٽرول ٿي نه سگهيو آهي،جتي فوتين جو انگ وڌي 16 ٿي ويو.

 ايراني صحت وارو نائب وزير ايرج حريچي به ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.

ميڊيا کي بريفنگ ڏيڻ دوران ايرج حريچي کنگهڻ شروع ڪيو ۽ کيس پگهر اچڻ شروع ٿي ويا.

 صحت واري نائب وزير کي هڪ ٽي وي پروگرام دوران به کنگهندي ڏٺو ويو، ايران ۾ ڪرونا جي وڌندڙ ڪيسز سبب پاڪ-ايران سرحد به چئن ڏينهن کان بند پيل آهي.

گڏيل عرب امارتن به ايران ڏانهن ويندڙ  اڏامون عارضي طور بند ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*