مودي جو انتهاپسندي نظريو شڪست کائي ويو: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق  اعواڻ  چيو آهي ته مودي جو انتهاپسند نظريو شڪست کائي ويو،مودي عمران خان  جي امن سوچ آڏو  بي وس ٿي ويو آهي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ٽرمپ جو بيان ثبوت آهي ته ڪشمير معاملو تڪراري آهي،ڪشميرين تي ظلم عالمي ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏيو.

هن چيو ته مودي هٿيارن جا انبار  ۽ بارود جو ڍير خريد ڪري به عمران خان  جي ڪامياب سفارتڪاري  جي سامهون بيوس نظر اچي رهيو آهي.

خاص معاون چيو ته ڪشميرين تي ظلم عالمي ضمير جهنجهوڙي  ڇڏيو آهي،ٽرمپ جو بيان ثبوت آهي ته ڪشمير هڪ تڪراري معاملو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*