صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چانڊڪا اسپتال جي دوري تي پهچي وئي

صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چانڊڪا اسپتال ۾ ڪم سست رفتاري سان هلائڻ تي بلڊنگ کاتي جي انجنيئر ۽ ٺيڪيدار کي ڇنڊ پٽي ۽ پنهنجي آفيس ۾ طلب ڪري ورتو، اسپتال جي دوري دوران مريضن جي وارثن به صوبائي وزير سامهون سهولتن جي اڻهوند بابت شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.

عذرا فضل پيچوهو چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ جي دوري دوران ڪم سست رفتاري سان ڏسي بلڊنگ کاتي جي انجنيئر ۽ ٺيڪيدار کي ڇنڊ پٽي ۽ سندس آفيس ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.

دوري دوران آءِ سي يو وارڊ ۾ مريضن جي وارثن صحت واري صوبائي وزير کي سٽي اسڪين ايم آءِ آر مشينز نه هلڻ ۽ بهتر علاج نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون.

ڊاڪٽر عذرا پيچوهو مريضن جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته جلد چانڊڪا اسپتال ۾ خراب پيل مشينون ٺهرائي عوام کي بهتر  علاج فراهم ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*