عالمي برادري ڀارت جي صورتحال تي لازمي ايڪشن وٺي: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان نئين دهلي ۾ فسادن  تي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير شروعات هئي،هاڻ ڀارت جي 20 ڪروڙ مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته عالمي برادري ڀارت جي صورتحال تي لازمي ايڪشن وٺي.

هن چيو ته  والاريل ڄمون ۽ ڪشمير شروعات هئي، هاڻ ڀارت جي 20 ڪروڙ مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾  عمران خان وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن ۾ ڪيل تقرير دوران مون ڀارتي مسلمانن تي بدترين تشدد جي اڳڪٿي هئي.

وزير اعظم چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي برابري جي بنياد تي حق حاصل آهن، جيڪڏهن غير مسلمانن جي عبادتگاهن کي نشانو بڻايو ويو ته قانون حرڪت ۾ ايندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*