پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جو پهريون ڪيس ظاهر ٿي ويو

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جو پهريون ڪيس ظاهر ٿي ويو، سنڌ جي صحت کاتي به تصديق ڪري ڇڏي * نوجوان يحيٰ کي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، نوجوان جهاز ذريعي ايران کان ڪراچي پهتو هو: صحت کاتو سنڌ * نوجوان کي نجي اسپتال جي آئيسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي: صحت کاتو سنڌ * ڪراچي: نوجوان کي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، نوجوان کي ايئرپورٽ تي اسڪين نه ڪيو ويو هو: ترجمان سنڌ حڪومت مرتضيٰ وهاب * ايران کان ايندڙ فلائيٽس کي روڪڻ جي ضرورت آهي، ايئرپورٽ تي سرويلينس وڌائڻ جي ضرورت آهي: ترجمان سنڌ حڪومت * جهاز۾سوار ٻين مسافرن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي: ترجمان سنڌ حڪومت مرتضيٰ وهاب *

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*