سنڌ ۾ ٻوڏ ڄاڻائي بندن جي مرمت جي نالي تي 4 ارب 48 ڪروڙ رپين جون گهوٻيون هڻڻ جي تصديق

سنڌ ۾ ٻوڏ ڄاڻائي بندن جي مرمت جي نالي تي 4 ارب 48 ڪروڙ رپين جون گهوٻيون هڻڻ جي تصديق، چيف انجنيئر جي رپورٽ بعد اينٽي ڪرپشن جي ٽيڪنيل رپورٽ ۾ به 17 ڪامورا ڪرپشن جا ذميوار قرار، رپورٽ موجب جنهن عرصي دوران ٻوڏ ظاهر ڪري گهوٻيون هنيون ان وقت ٻوڏ جي ڪا به صورتحال نه هئي…..

آپباشي کاتي جي چيف انجنيئر جي رپورٽ بعد اينٽي ڪرپشن جي ٽيڪنيل رپورٽ ۾به 17 ڪامورن کي ڪرپشن جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو.

ڄاڻايل رپورٽ موجب آر بي او ڊي جي 17 ڪامورن 19 ڪمپنين کي سيوهڻ مان 57 ڪروڙ 53 لک، ڄامشورو مان 37 ڪروڙ 97 لک ۽  ٺٽو مان 3 ارب 52 ڪروڙ 72 لک رپيا جاري ڪيا، اها رقم فراڊ ذريعي ڄاڻايل ڪمپنين کي جاري ڪئي وئي.

اينٽي ڪرپشن جي رپورٽ موجب آر بي او ڊي جي ڪامورن ايم ايس ايف بي انٽرپرائيز کي هڪ ارب 21 ڪروڙ 69 لک رپيا جاري ڪيا، ايم ايس سب لائيم امپريشن کي 78 ڪروڙ 97 لک رپيا ڏنا ۽ ايم ايس ماس انٽرپرائيزز کي به ٽنهي ڊويزنن مان 52 ڪروڙ 19 لک جاري ڪيا ويا.

آر بي او ڊي جي اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر منور بوزدار، وقار احمد قادري، فهيم سومرو، عبدالغفار سومرو سميت ٻين ڪامورن ٻوڏ جي نقصان جي ڪمن جي نالي تي فراڊ ذريعي 19 من پسند ڪمپنين کي 4 ارب 48 ڪروڙ رپيا ڄاڻايل عرصي ۾جاري ڪيا.

جولاءِ 2017ع کان مارچ 2019ع تائين واري عرصي دوران آر بي او ٽي جي ٽنهي ڊويزنن ۾رهندڙ ڪامورن پاران فراڊ ذريعي 19 مختلف من پسند ڪمپنين کي رقم جاري ڪئي.

رپورٽ موجب ظاهر ڪيل ان عرصي دوران ڪابه ٻوڏ واري صورتحال نه هئي، ٻوڏ جي صورتحال ظاهر ڪري نقصان جي بحالي واري ڪم جي مد ۾ اهڙا پئسا هڙپ ڪيا ويا.

رپورٽ موجب ڪامورن پاران 88 ٺيڪا غيرقانوني طور من پسند ماڻهن کي ڏنا، سيپرا رولز جي خلاف ڀڃڪڙي ڪئي، ٽينڊرن جي ٽيڪنيڪل منظُوري نه ورتي وئي

رپورٽ موجب قومي خزاني کي فراڊ ذريعي 4 ارب 48 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچائيندڙ ڪامورن کان رقم رڪور ڪرائڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*