بلاول ڀٽو سان پي ايم ڊي سي جي وفد جي ملاقات

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آرٽيڪل 89 جو غلط استعمال ڪري حڪومت آرڊيننس فيڪٽري کولي ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ پي ايم ڊي سي وفد سان ملاقات دوران بلاول ڀٽو  زرداري چيو ته حڪومت ڪونسل کي ختم ڪري آرڊيننس ذريعي ڪميشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن چيو ته حڪومت فوري طور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري پي ايم ڊي سي کي بحال ڪري.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنهنجي قانوني ٽيم سان گڏجي پي ايم ڊي سي وفد سان تعاون ڪنداسين.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻين اپوزيشن پارٽين کي به معاملي تي اعتماد ۾ ورتو ويندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*