ڀارت ڪنهن به قسم جي حرڪت ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: ڊي جي آءِ ايس پي آر

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ڀارت جي قدمن سان خطي جي امن کي خطرو آهي، جيڪڏهن جنگ لڳي ته نتيجا ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن نه هوندا، پاڪستان، ڀارت جي دفاعي تيارين کان چڱي ريت آگاهه آهي، ڪنهن به قسم جي حرڪت ڪئي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

راولپنڊي ۾ ميڊيا نمائندن کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فيبروري 2019 ۾ پاڪ ڀارت جنگ لڳڻ واري هئي، 14 فيبروري 2019 تي ڀارت پلوامه حملي کانپوءِ بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام هنيا پر پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور هر قسم جي جاچ جي آڇ ڪئي.

ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته ڀارت 25 ۽ 26 فيبروري جي رات هڪ بزدلاڻي ڪوشش ڪئي، دشمن اسان کي سرپرائيز ڏيڻ چاهي پيو پر پاڻ سرپرائيز ٿي ويو، دشمن رات جي اوندهه ۾ ڪارروائي ڪئي ۽ اسان ڏينهن جي روشني ۾ دشمن جا 2 جهاز ڪيرائي ڇڏيا، جڏهن ته ڀارتي ونگ ڪمانڊر اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ويو، ان ئي بوکلاهٽ ۾ دشمن پنهنجي هڪ هيليڪاپٽر کي به ڪيرائي وڌو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته هٿياربند فوج 27 فيبروري تي نه رڳو وطن جي سرحدن جودفاع ڪيو پر دشمن جا عزم مٽيءَ ۾ملائي ڇڏيا، اڄوڪو ڏينهن اسان جي لاءِ شڪراني ۽ يوم عزم جو ڏينهن آهي.

لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي اڳرائي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اوڀر سرحد تي ڀارت پاران مسلسل خطرا پيش آهن، اندروني صورتحال تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت جيڪا راند کيڏي رهيو آهي، ان کان واقف آهيون، ڀارت جي هي راند خطي جي امن لاءِ سنگين خطرو آهي.

والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت گذريل 207 ڏينهن کان زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي، ڪشميرن جي نسل ڪشي سان گڏ مٿن ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ته ڪشمير تڪرار هاڻي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ناهي رهيو، پر عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي، والاريل ڪشمير مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل ٿيڻ گهرجي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*