سموري دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري

ڪرونا وائرس وائرس سبب سموري دنيا ۾ فوتگين جو سلسلو ناهي رڪجي سگهيو، چين ۽ ٻين شهرن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته بيماري سبب مجموعي طور تي متاثر مريضن  جو  انگ وڌي 2 هزار 858 ٿي ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب  52 ملڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب متاثرن جو انگ 83 هزار هڪ سئو 5 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 36 هزار 5 سئو 25 صحتياب ٿي چڪا آهن.

ڪرونا وائرس سبب چين ۾ وڌيڪ 43 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اٽلي ۾ فوتگين جو انگ 14 مان وڌي 17 ٿي ويو آهي، اهڙي ريت ڏکڻ ڪوريا ۾ به 13 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

چين ۾ فوتگين ۽ بيمارين جي انگ ۾گهٽتائي ٿي رهي آهي پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي.

آمريڪي رياست ڪيلي فورنيا ۾ به ڪرونا وائرس جا 33 ڪيس سامهون جي تصديق ٿي چڪي آهي، صحت واري عالمي اداري پاران ڪرونا کي عالمي وبا قرار ڏيڻ جو امڪان آهي.

ڪيلي فورنيا جَي گورنر جو چوڻ آهي ته 33 ڄڻن جي ٽيسٽ مثبت آئي، جن مان 5 ماڻهو رياست مان وڃي چڪا آهن، جڏهن ته مختلف اڏامن ذريعي آيل 8 هزار 4 سئو ماڻهن جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*