نوابشاهه ۾ تيز رفتار ڪار ڪلٽي، 2 نوجوان ٿڏي تي فوت

نوابشاهه ۾ تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 نوجوان ٿڏي تي فوت ۽ 2  زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

 قائد عوام يونيورسٽي ڪالوني جي گيٽ وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ موهڻي بازار واري علائقي جو رهواسي   22 ورهين جي نوجوان بابر ميمڻ  ۽ ڪيمپ نمبر 2 واري علائقي جو رهواسي 20 ورهين جي ارسلان آرائين فوت ٿي ويا، جڏهن ته  موري واسي 28 ورهين جو فرحان ميمڻ ۽ 21 ورهين جو عبادت علي سولنگي زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي پي ايم يو نوابشاهه منتقل ڪيو ويو آهي.

زخمين مان فرحان علي ميمڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري انتهائي نگهداشت واري شعبي  ۾ رکيو ويوآهي،فوتي ۽ زخمي پاڻ ۾ ويجها دوست ٻڌايا وڃن ٿا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*