ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٻنهي پاڪستاني شهرين جي حالت بهتر ٿي رهي آهي: ظفر مرزا

صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا دعويٰ ڪئي آهي ته ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٻنهي پاڪستاني شهرين جي حالت بهتر ٿي رهي آهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ۾ ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٻنهي پاڪستانين جي حالت ۾ استحڪام ۽ بهتري اچي رهي آهي.

هـُن چيو ته ڪرونا وائرس جو شڪار ٻنهي مريضن سان سلهاڙيل ماڻهن جون ڪجهه ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جيڪي نيگيٽو نڪتيون آهن، انشاءَ الله سڀئي ٽيسٽون ناڪاري ئي اينديون.

ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي ڪرونا وائرس کي منهن ڏئي رهي آهي.

هوڏانهن صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته موسم جي خرابي جي سبب ڊاڪٽر ظفر مرزا بلوچستان مان اسلام آباد نه پهچي سگهيو، جنهن ڪري سندس اڄ رٿيل پريس ڪانفرنس ملتوي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*