روهڙي حادثي جو ذميوار بس ڊرائيور آهي: شيخ رشيد

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد روهڙي حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي حادثي جو ذميوار ڊرائيور کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته حادثي ۾ ٽرين جي انجڻ کي نقصان پهتو، جنهن سبب ٽرين جو اسسٽنٽ ڊرائيور به زخمي ٿيو.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي جا 24سئو 70 مينڊ ليول ڪراسنگ آهن جن کي مينڊ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا صوبائي حڪومتن کي خط به لکي چڪا آهيون.

شيخ رشيد چيو ته حادثي جي جاچ ايف جي آءِ آر کان ڪرائي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*