وزيراعظم جو عزم آهي ته ڪرونا وائرس کان ڊڄڻو ناهي: فردوس عاشق اعواڻ

ڪرونا وائرس جي علاج لاءِ سڄي دنيا هڪ طرف ۽ وزيراعظم عمران خان جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون ٻي طرف، فردوس عاشق اعواڻ ڪرونا وائرس کي علاج ڪرڻ جوڳو مرض قرار ڏئي ڇڏيو، ٽوئٽ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس کان گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، وزيراعظم جو عزم آهي ڪرونا کان ڊڄڻو نه وڙهڻو آهي، ان سان گڏ سڌ سماءَ بابت خصوصي معاون ساڳئي ئي وقت عوام کي ورد جي به تلقين ڪري ڇڏي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ٻين بيمارين جيان ڪرونا وائرس کي به شڪست ڏينداسين، ڪرونا لاعلاج  مرض نه آهي، عوام خوفزده نه ٿئي، صفائي سٿرائي ۽  حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد ضروري آهي.

خصوصي معاون چيو ته وائرس جي حوالي سان سمورين صوبائي حڪومتن کان کنيل قدمن ۽ انتظامن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪري تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو.

سڌ سماءَ بابت خاص معاون چيو ته ڪوئيٽا، لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ مرض جي سڃاڻپ جون سهولتون فراهم ڪري ڇڏيون آهن، ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*