آمريڪا، افغانستان وچ ۾ امن معاهدي جو سهرو عمران خان تي وڃي ٿو: فواد چوڌري
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته امن معاهدي جو سِهرو عمران خان تي وڃي ٿو، وزيراعظم عمران خان هميشه کان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند هو.
ٽوئٽ بيان ۾ فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته افغانستان جي ماڻهن کي واڌايون هجن، اڃ دوحا ۾ ٿيندڙ معاهدي سان افغانستان ۾ نئين دور جي شروعات ٿيندي.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چيو ته امن معاهدي سان آمريڪا جي ڊگهي ترين پرڏيهي جنگ ختم ٿي ويندي.