وزيراعظم عمران خان روهڙي ٽرين حادثي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

وزيراعظم عمران خان روهڙي ٽرين حادثي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ صدر عارف علوي حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو به اظهار ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان روهڙي ٽرين حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي بهترين علاج جون سهولتون ڏيڻ جي هدايت به ڪئي آهي.

صدر عارف علوي روهڙي حادثي ۾ قيمتي جانين جي ضايع تي گهري ڏک ۽ ڏکويل خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

صدر عارف علوي حادثي ۾ فوتي ٿيلن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا گهري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*